سيد علي گوهر شاهه اول بنگلي ڌڻي ٻيو پير پاڳارو

سيد علي گوهر شاهه اول بنگلي ڌڻي ٻيو پير پاڳارو

سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي ٽيون پير پاڳارو

سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي ٽيون پير پاڳارو

سيد علي گوهر شاهه ثاني محافي ڌڻي چوٿون پير پاڳارو

سيد علي گوهر شاهه ثاني محافي ڌڻي چوٿون پير پاڳارو

سيد شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي پنجون پير پاڳارو

سيد شاهه مردان شاهه اول ڪوٽ ڌڻي پنجون پير پاڳارو

سيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه  ڇهون پير پاڳارو

سيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه ڇهون پير پاڳارو

شاهه مردان شاهه ثاني ڇٽ ڌڻي ستون پاڳارو

شاهه مردان شاهه ثاني ڇٽ ڌڻي ستون پاڳارو

حُر تحريڪ

حُر تحريڪ: برصغير ۾ جڏهن به آزاديءَ يا آجپي جي تحريڪن جو ذڪر ايندو ته اتي حر تحريڪ جو به نمايان ڪردار نظر ايندو.
سنڌ ۾ جڏهن ميرن جو آخري دور هو، ان وقت هندستان جي سڀني ڀاڱن ۽ علائقن تي سڌي يا اڻ سڌيءَ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي. تنهن وقت کين اهو فڪر هو ته، ڪيئن به ڪري سنڌ تي قبضو ڪجي. پنجاب ۾ سکن جي حڪومت هئي، جنهن جو حڪمران رنجيت سنگهه، انگريزن سان ٻٽ هو ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا گهاٽ گهڙيندو رهيو.
ان دؤر ۾ پير صاحب پاڳاري سيد صبغت الله شاهه (اول) کي انگريزن ۽ سکن جي سازشن خلاف ڏاڍو جوش ۽ جذبو هو. اهو بزرگ ڏسي رهيو هو ته هاڻي پنهنجي وطن سنڌ جو خير ڪونهي، ان ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن جي تنظيم سازي شروع ڪيائين.
پير صاحب پاڳاري ۽ سندس خاندان انگريز حاڪمن جي جابراڻي حڪومت خلاف هميشه سينو ساهيو ۽ آزاديءَ جي عظيم مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ائين هڪ عظيم تحريڪ کي جنم ڏنو، جيڪا اڳتي هلي ’حُر تحريڪ‘ جي نالي سان مشهور ٿي.
حر لفظ جي معنيٰ آهي: ’آزاد- جو ڪنهن جو غلام يا پابند نه هجي‘. تاريخ اسلام ۾ هي نالو قرباني ۽ وفاداريءَ جي صفتن سان مشهور آهي. اصل ۾ هي لقب حضرت امام حسين عليه السلام ان شخص کي ڏنو هو، جيڪو يزيد جي لشڪر ۾ هو، پر امام حسينعه جي حق تي ڏسي امام حسينعه جي طرف اچي، يزيد جي خلاف وڙهيو ۽ ڀاءُ ۽ پٽن سميت شهيد ٿي ويو.
حر تحريڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
حر تحريڪ جو بنياد حضرت صبغت الله شاهه (اول) وڌو، جڏهن مشهور مجاهد سيد احمد شهيد 1824ع/ 1239هه ڌاري سنڌ ۾ آيو. ان وقت پنجاب جي سک حڪومت مسلمانن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي هئي. شاهه ولي الله جي فرزند شاهه عبدالعزيز ۽ سندس ٻن مريدن سيد احمد (شهيد) ۽ شاهه اسماعيل (شهيد) سکن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو ۽ مسلمانن کي مدد جي اپيل ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ سيد احمد (شهيد) ۽ شـاهه اسـمـاعيـل (شهـيد) سـنـڌ ۾ آيـا. 24 جـون 1826ع/ 1241هه ۾ هي سيد صبغت الله شاهه (پير پاڳاري) جي ڳوٺ پهتا.
پير صاحب انگريز حاڪمن ۽ ڌارئي سامراج خلاف سيد احمد ۽ شاهه اسماعيل جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. کين رسد جو سامان ۽ مجاهدن جا دستا مدد طور ڏنائين. انهن ئي مجاهدن کي حُر سڏيو ويو. سيد صاحب پنهنجو اهل عيال پير صاحب پاڳاري جي حويليءَ ۾ مهمان جي حيثيت ۾ ڇڏيو، جن کي پير صاحب نهايت عزت احترام ۽ حفاظت سان رکيو. سيد احمد بولان – لڪ رستي ياغستان (آزاد قبائل) پهتو. 23 جون 1830ع/ 1225هه ۾ هنن مجاهدن سکن کان پشاور فتح ڪيو، پر پوءِ ”انگريزن جي سازش سان سرحد جي مولوين ۽ پٺاڻ سردارن لالچ ۾ اچي انتشار پيدا ڪيو. جنهنڪري مجاهدن کي شڪست ملي ۽ سيد احمد پنهنجي جانثارن سميت 10 مئي 1831ع، 24 ذيقعد 1246هه تي شهيد ٿي ويو. سيد احمد شهيد جي شهادت پير صاحب تي گهرو اثر ڇڏيو. هن هڪ جماعت ٺاهي، جنهن ۾ هر ذات ۽ فرقي جو ماڻهو شامل ٿي سگهيو ٿي.
جمـاعـت جـا هيـٺيـان چـار اصـول هـئـا: (1) فـرق (جـدا ۽ رازدار گروهه) (2) ترڪ (تحريڪ جي رستي ۾ سڀ لاڳاپا لاهڻ) (3) غازي ٿيڻ (حق جي راهه ۾ لڙڻ) ۽ (4) اطاعت امير (ليڊر جي تابعداري).
انگريزن سنڌ ۾ پير سائين پاڳاري جي خاندان کي خاص طور اک ۾ رکيو.
سندس انقلابي مجاهدن تي نظرداري وڌائي وئي ۽ پير صاحب جي سرگرمين تي به چوڪسي رکي وئي. ان ڪري پير صاحب، سندس جماعت ۽ انگريز سرڪاري جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ هلندي رهي.
سيد حزب الله شاهه (1258-1308هه) جي وقت ۾ حرن توڙي عام جـمـاعـت جـو رخ انگـريـزن جـي خـلاف سـخـت ٿيـو ۽ ان جـذبي آخرڪار ٻي حُر تحريڪ (1896ع) جي صورت اختيار ڪئي. جڏهن بادشاهه ۽ پيرو وزير'>بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصن تي پنهنجي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو، انگريز سرڪار هن تحريڪ کي بغاوت قرار ڏئي، دٻاءَ لاءِ منظم طور تي ڪارروايون شروع ڪيون. ٻي تحريڪ جا اڳواڻ ٻارنهن هئا، جن کي ’ٻارهن ٻهروٽيا‘ سڏيو ويو، جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
بچو خاصخيلي عرف بچو بادشاهه، پيرو وساڻ عرف پيرو وزير، گلو موچي، تڳيو چانگ، ڀلو ڳاهي، خميسو وساڻ، ختلو قاضي، قلان ڪاسائي.
انگريز سرڪار هن تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ اهڙا سخت طريقا استعمال ڪيا، جن انگريز حڪومت ۽ ان جي آفيسرن ۽ مددگارن جي برخلاف حرن جي دلين ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي. انگريز سرڪار مٿن سخت ڏاڍ ۽ جبر ڪري هيٺيان طريقا ۽ قانون لاڳو ڪيا: (1) ڏوهين توڙي بي ڏوهين جي ڳوٺن کي ساڙڻ، (2) چوپائي مال ۽ ماڻهن کي بندوقن جو نشانو بڻائڻ، (3) عـورتن جـي بـي حرمتي ڪرڻ، (4) بنا عدالتي فيصلي جي سندن زمينون ۽ مـلـڪيتـون ضـبط ڪــرڻ، (5) گــڏيل ڏنــڊ ۽ چـٽيـون ڳـوٺـن مـٿان وجهـڻ، (6) خاص ٽربيونل ۽ مارشل لا ڪورٽون برپا ڪري انهن جي ذريعي سون ماڻهن کي موت يا قيد جون ڳريون سزائون ڏيڻ، (7) جماعت جي ماڻهن کي بنا عدالتي فيصلي جي لوڙهن (Concentration Camps) ۽ سيٽلمينٽن (Settlemens) ۾ رکڻ، (8) هنن مان ڪيترن کي صوبي کان ٻاهر جلاوطن ڪري جيلن يا خاص ڪئمپن ۾ رکڻ، (9) ڪيترن کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي، وقت بوقت پوليس ٿاڻي تي حاضريون ڏيارڻ ۽ سندن نقل حرڪت لاءِ حــدون مـقـرر ڪــرڻ، جـن کان ٻـاهر هـو گـذر سـفـر لاءِ به وڃي نه ٿي سگهيا،(10) ڪمائيندڙ مردن کي سندن زالن ۽ اولاد کان جدا ڪرڻ بعد پوئين کي گذرمعاش جي انتظام ڪرڻ کان سواءِ ڇڏي ڏيڻ، (11) مڪاني پوليس عملدارن ۽ سندن پَٽيلن جي خبرن تي سختيءَ جو ورتاءُ اختيار ڪرڻ.
انهن قانونن ڪجهه وقت لاءِ حرن کي بيوس ڪري ڇڏيو. ظلم جي ان چڪيءَ ۾ اٽڪل چاليهه سال پيسبا رهيا. سندن حالتون خراب ٿي ويون. ڏينهن جو وقت پنهنجي گذر لاءِ ڪمائيندا هئا، ته رات جو پوليس وارن جي گهوڙن جو گاهه آڻڻ، تنبيلا صاف ڪرڻ، کين ڪاٺيون پاڻي موجود ڪري ڏيڻ ۾ صرف ڪندا هئا.
ظلم جي اها باهه ٻرندي رهي، تان جو سيد شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻيءَ (1279-1340هه) انگريزن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز حڪومت 1914ع جي مهاڀاري لڙائيءَ دوران سندس وفاداريءَ کـي آزمـائڻ لاءِ ماڻهو گهريا. پير صاحب 500 ماڻهو ڏيڻا ڪيا ۽ ٻي مالي مــدد بـه ڏنـي، تـڏهـن حڪـومـت ڪـجهه نـرم رويـو اخـتيـار ڪـيو، لوڙهن (Concentration Camps) جو خاتمو ڪيو، پر انگريزن وري به سندس گاديءَ تي ڪرڙي نظر رکي. هوڏانهن پير صاحب پاڳاري ۽سندس جماعت به انگريزن جي ڌاريءَ حڪومت کي اندروني نفرت سان پئي ڏٺو. جن مٿن ايڏا ظلم ڪيا هئا.
پير صاحب پاڳاري جي خاندان کي انگريزن خلاف نفرت ۽ بغاوت ورثي ۾ ملندي رهي. سيد صبغت الله شاهه ٻئي جي ولادت 13 صفر 1328هه ۾ ٿي ۽ سندس والد شاهه مردان شاهه جي وفات بعد 7 ربيع الاول 1339هه ۾ ٻارهن ورهين جي ننڍي وهيءَ ۾ سندس دستاربندي پير پاڳاري جي حيثيت ۾ ٿي.
ننڍي هوندي کان سيد صبغت الله شاهه ثاني جي شخصيت ۾ هڪ خاص انفراديت هئي، هو آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن کان نفرت هئي، هو مشورن کي محض مشورا ڄاڻندو هو ۽ ٻين جون صلاحون جيئن جو تيئن مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرئتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح، خود اعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو.
پير صاحب جي ننڍيءَ عمر ۾ تخت ڌڻيءَ مان ڪيترين ڌرين فائدو وٺڻ پئي چاهيو. انگريز حڪومت جي ڇاڙتن جي ڪوشش هئي ته هن ننڍي ٻار کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي کيس اهڙي دڳ لائجي، جيئن هو انگريزن جو وفادار رهي. ٻئي طرف سندس ويجهن عزيزن ۽ جهونن خدمتگارن جي اها خواهش هئي ته پير صاحب سندن مرضيءَ سان اٿي ويهي، پر پير صاحب پنهنجي سرشت ۾ اعليٰ وصفون ۽ خوبيون کڻي آيو هو. قول جو پڪو هو، سندس ارادا هماليا جبل وانگر مضبوط هئا.
پير صاحب جي خوددار طبيعت ۽ محڪم ارادي سندس ڪيترن عزيزن، انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن کي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو. پير صاحب جي خلاف انگريزن سان گڏ سندس ڪجهه مائٽ به ٻِٽ ٿي ويا. پير صاحب تي سخت نظر رکي وئي. انگريز سرڪار سندس خلاف قدم کڻڻ لاءِ وجهه تاڙيندي رهي. هنن پير صاحب کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو. سندس ئي عزيزن مان ڪوڙا فريادي ۽ شاهد پيدا ڪرائي، ”پير جي ڳوٺ“ تي پوليس کان ڇاپو هڻائي، کيس گرفتار ڪرايو ۽ هن جي مٿانئس مختلف ڪيس مڙهي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب طرفان محمد علي جناح وڪالت ڪئي، جيڪو بمبئيءَ کان سکر ڪيس وڙهڻ ايندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: ”جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو هو ته حڪومت ڪنهن به حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري، پر جناح نه مُڙيو، ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري ورتل في پير صاحب کي واپس ڪري هليو ويو“، حڪومت هٿ ٺوڪيا ڪيس ثابت ڪري، 28 آگسٽ 1930ع تي پير صاحب کي اٺن سالن جي سزا ڏئي سنڌ کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو. انهي سزا واري عرصي ۾ پير صاحب کي هندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جيلن جي ماحول ۽ زندگيءَ تي مٿن گهڻو اثر ڇڏيو. جيل ۾ پير صاحب پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتناگري جيل ۾ سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جي ملفوظات جو گهرو مطالعو ڪيائين. ان کان سواءِ هندستان جي سياست کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڪيترن ڪانگريسي ۽ انقلابي ليڊرن سان گڏجاڻيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين.
پير صاحب پاڳاري جو خاندان سنڌ جي رهواسين لاءِ هڪ اعليٰ ۽ عزت وارو مقام رکندڙ هو. پير صاحب جي گرفتاريءَ ۽ جيل وڃڻ تي سنڌ واسين کي سخت صدمو رسيو. ان وقت اخبارالوحيدپير صاحب جي آزاديءَ لاءِ ايڊيٽوريل لکيو.
جڏهن پير صاحب جيل جي سزا ڪاٽي سنڌ پهتو ته سندس دل تي انگريزن جي خراب روَش گهرا اثر ڇڏيا ۽ هو انگريزن جو سخت دشمن ۽ قوم جو ڀرجهَلو ٿي بيٺو. پير صاحب جو قول هو ته: ”ظلم خلاف ڪنڌ نه کڻڻ ۽ سر جهڪائڻ خود ظلم جو ساٿ ڏيڻ برابر آهي.“
سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد پير صاحب پهرين مريدن جي اصلاح ۽ تربيت ڏانهن ڌيان ڏنو. کين حڪم ڏنائين ته مرد نشو نه ڪن، عورتون عاج جون چوڙيون نه پائين. حڪم تي عمل شروع ٿي ويو. موالين تماڪ پيئڻ ترڪ ڪري ڏنڊا ڪونڊا ڀڃي ۽ ساڙي ڇڏيا، عورتن چوڙيون ڀڃي ڇڏيون، ان بعد پير صاحب سانگهڙ ڀرسان ”گڙنگ“ بنگلي ۾ رهڻ لڳو. هتي غازين جي جماعت تيار ڪرڻ لاءِ مريدن کي حڪم ڪيائين جيڪي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنجا نالا لکرائين. غازين جون لسٽون تيار ٿي پهتيون. پير صاحب غازين جو معائنو ڪيو. غازين جا ٽولا اندروني طور جماعت جي اصلاح ۽ تربيت سان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا ويا.
پير صاحب جماعت کي حڪم ڏنو ته ڪو به ماڻهو ولائتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ جو اُڻيل ڪپڙو پائي. هندو مسلمان پاڻ ۾ فساد نه ڪن، کين گئوڪوس کان پرهيز جو به حڪم ڏنو هو.
پير صاحب جو سياسي لاڙو ڪانگريس طرف هو، ان ڪري پير صاحب پنهنجي جماعت کي جيڪي حڪم ڏنا هئا، تن ۾ نشو نه ڪرڻ، ولائتي ڪپڙي جي بائڪاٽ، هندو مسلم اتحاد جا نُڪتا شامل هئا.
سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي ته: ”اسان جي طرفان پير صاحب کي جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو ويو ته شدت سان انڪار ڪندي چيائين ته: ”هيءَ انگريزن جي غلامن جي جماعت آهي، ان ۾ آءٌ هرگز شامل نه ٿيندس.“
ڏيپلائي صاحب به لکيو آهي: ”مسلم ليگ جي سربراهه جي حيثيت ۾ سائين جي. ايم. سيد پير صاحب سان مليو ۽ کين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پيشڪش ڪئي.“ پير صاحب جي. ايم. سيد کي چيو ته: ”جيڪا جماعت سڀ ڪجهه انگريزن جي مشورن سان ڪري، جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا ۽ سيٺيون هجن، اها جماعت آزاديءَ جي دعويٰ ڪيئن ڪري رهي آهي.“ سائينءَ ڪيئي دليل ڏنا، پر پير صاحب چيو: وڙهڻ لاءِ اوهين هوندؤ ۽ فتح وقت واڳون انهن جي هٿ ۾ هونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام هوندا، اوهان کي کير مان مک وانگر ڪڍي ڦِٽو ڪندا، اوهين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.“
غازين جون رپورٽون سرڪار ۽ سياسي جماعتن تائين پهچنديون رهيون. ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن کان پوءِ حڪومت جي سڄي مشينري تحرڪ ۾ اچي وئي. هڪ سي. آءِ. ڊي آفيسر پير صاحب کي اچي چيو ته سرڪار کي توهان جو اهو طريقو پسند نه آهي، جنهن موجب امن امان ۾ خلل وجهڻ جو سوچيو ويو آهي. پير صاحب کيس چيو ته امن امان ۾ خلل وجهڻ جا اسين خواهان نه آهيون. باقي اسان سان ڪو ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ته اهنسا جون ٻڪريون اسين به نه آهيون. اسين ڪنهن جي پسند يا ناپسند سان ٻڌل نه آهيون، انگريز ست سمنڊ پار ڪري اسان جي ملڪ ۾ من مانيون ڪري رهيا آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ جيئن مناسب لڳندو ڪنداسون.
پير صاحب ڪانگريس جو سهڪاري هو پر آل انڊيا سياست جون پيشڪشون ٺڪرائيندي چيائون ته ”هر ڪنهن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنهنجو آهي. اسان کي مختلف جماعتن جي ڪيترين ڳالهين ۽ عملي طريقي سان اختلاف آهي.
پير صاحب مجاهدن کي وطن جي آزاديءَ جو درس ڏنو ۽ کين انگريز سامراج جي چالن کان واقف ڪيو ۽ کين سمجهايو ته ”وطن يا ڪفن“ ۽ ”غلامي نه کپي“.
ملڪ ۾ ان وقت مسجد منزل گاهه وارو تنازعو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي. سرڪاري آفيسرن هڪ سازش تيار ڪرائي، پير صاحب جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون، اها خبر پير صاحب کي پئي ته غازين کي حڪم ڪيائين ته هندن جي حفاظت ڪئي وڃي، پير صاحب جي غازين طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. هندن ان ساراهه جوڳي ڪارنامي جو اطلاع سکر جي ڪليڪٽر کي ڏنو ۽ اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به ڪيون. اهڙيءَ ريت حڪومت جي اها اسڪيم ناڪام وئي ۽ غازين جي ڀرتيءَ تي پابندي لڳائي.
حڪومت طرفان هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي وئي، سکر جي پارسي ڪليڪٽر، جنهن جي مادري زبان گجراتي هئي، ان پير صاحب کي پيغام موڪليو ته هندن جي جان بچائي، امن قائم ڪرڻ ۾ توهان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کان خوش ٿي سرڪار توهان لاءِ هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور ڏيڻ ۽ اوهان کي خطاب ڏيڻ جي سفارش منظور ڪئي آهي. ان تي پير صاحب ڪليڪٽر کي جواب موڪليو ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن ۽ ”پير پاڳاري“ جو خانداني خطاب اسان لاءِ ڪافي آهي. پير صاحب جو اهو جواب ٻڌي ڪليڪٽر چوائي موڪليو ته: ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن، حڪومت سندن انڪار کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي.“
انگريز سرڪار جڏهن پنهنجو هر حربو ناڪام ڏٺو ته پوءِ ظلم ۽ ڏاڍ تي لهي آئي. پوليس آفيسرن معرفت، پير صاحب جي سمورن برجستن مريدن خلاف ڪاغذي ڪارروايون شروع ڪيون ويون. پير صاحب سانگهڙ لڳ گڙنگ بنگلي کي پنهنجو مرڪز بڻايو ۽ برجستن ماڻهن کي سپاهيانه زندگيءَ جي تربيت ڏئي کين پوريءَ طرح آزمايو.
انگريزن خلاف سڄي جماعت ۾ عام طرح ۽ غازين ۽ اڳواڻن ۾ خاص طرح، نفرت جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو. ٻئي طرف انگريز حڪومت به پير صاحب کي ذهني طور باغي تسليم ڪري چڪي هئي ۽ ان ڪنهن به ريت ٽڪراءَ ۾ اچي پير صاحب کي گرفت ۾ آڻڻ ٿي چاهيو، ان مقصد لاءِ هنن هيٺيان طريقا اختيار ڪيا:
(1) هر قسم جي ڏوهه کي بنا جانچ جونچ جي حُرن ڏانهن منسوب ڪري خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا.
(2) ننڍن وڏن حُرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون. اها حاضري ڪن جي لاءِ هفتي ۾ هڪ دفعو، ڪن لاءِ هفتي ۾ ٽي دفعا ته ڪن لاءِ روزانو مقرر ڪئي وئي.
(3) پير صاحب جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسيءَ لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو.
حڪومت طرفان حرن لاءِ ٻي مصيبت اها عام ڪئي وئي ته اوسي پاسي جي هر چوري ۽ ڌاڙي جو الزام مٿن لڳائي کين جيلن ۾ بند ڪيو پئي ويو. ان وقت جوڌپور ۽ جيسلمير مان عام ڌاڙيل سرحد ٽپي ٿرپارڪر جي ماڻهن کي لٽيندا هئا، پر ان جو الزام به حُرن تي مڙهيو ويندو هو.
حرن جي ٿاڻن تي حاضريءَ خلاف پير صاحب انگريز حڪومت وٽ سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته جيڪو شخص ڏهه ميل پنڌ ڪري ٿاڻي تي پهچندو، اهو پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪندو ۽ سندس ٻچن جي پرورش ڪيئن ٿي سگهندي!
اهڙي مضبوط دليل کي ٻڌڻ جي باوجود پوليس ابتو قدم کنيو ۽ جن جي حاضري هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا هئي، تن جي به روزانو حاضري مقرر ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبليءَ جي 29 نومبر 1940ع واري اجلاس ۾ تعلقي سانگهڙ جي رهواسين جي روزانو ٿاڻن تي حاضري، سندن ٻارن ٻچن جي مستقبل وارن مسئلن تي بحث مباحثو به ٿيو، پر وريو ڪجهه به نه.
پير صاحب حڪومت جي ضد ۽ نا انصافيءَ کان تنگ ٿي، جماعت جي ڪجهه چونڊ ماڻهن کي چيو ته اوهين روپوش ٿي وڃو ۽ حاضريءَ لاءِ ٿاڻن تي هرگز نه وڃو. اُهي چونڊ فقير روپوش ٿي ويا. حڪومت طرفان پير صاحب تي زور رکيو ويو ته اهي ماڻهو پيدا ڪيا وڃن، پير صاحب کين چيو ته سرڪار پاڻ وڃي اُهي ماڻهو ڳولي هٿ ڪري. انگريز سرڪار جا هن معاملي بابت مقرر سرڪاري ڪامورا، پير صاحب ۽ سندس فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون موڪليندا رهيا. پوليس حرن کي Notified Criminal Tribes قرار ڏئي ڇڏيو. ان ريت پير صاحب ۽ سندس مريدن خلاف ڪيتريون رپورٽون حڪومت وٽ جمع ٿينديون رهيون. آخر 1941ع ۾ پير صاحب کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ لاءِ ڪراچي آندو ويو. سنڌ جي ان وقت وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله پير صاحب کي چيو ته اوهان جون موجوده سرگرميون جهڙوڪ غازين جي ڀرتي، حڪومت کي سخت ناگوار گذرن ٿيون ۽ انهن سان سنڌ ۾ امن امان جو خطرو وڌي ويو آهي، ان ڪري توهان کي ڪراچيءَ ۾ رهڻو پوندو. پير صاحب کيس جواب ڏنو ته: ”ڇا مسلم ليگ پنهنجو نيشنل گارڊ نه ٺاهيو آهي؟ ڇا ڪانگريس پنهنجا والنٽيئر جٿا نه ٺاهيا آهن؟ ڇا راشٽريه شيوڪ سنگهه وارن پنهنجا دَل نه ٺاهيا آهن؟ ڇا انهن سڀني جو مقصد وطن جي آزادي نه آهي؟ جيڪڏهن رڳو مون ئي جرم ڪيو آهي ته مون کي زباني نه، تحريري حڪم ڏيو، ٻيءَ صورت ۾ مان مهمان طور رهڻ جو پابند نه آهيان.“
پير صاحب کي تحريري حڪم نه مليو، ان ڪري ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ پير صاحب ڪراچيءَ واري بنگلي کان ڪار ذريعي سانگهڙ اچي پهتو. گڙنگ پهچي غازين کي خاص هدايتون ڏنائون ته: ”جيڪڏهن معاملو بگڙجي وڃي ته باقاعدي منظم ٿي، اسان جي هدايتن مطابق ڪارروايون ڪجو ۽ پنهنجي جدوجهد تيز ڪجو“ اهڙي قسم جون هدايتون ڏيئي پير صاحب، پير جي ڳوٺ پهتو، اتي خاص ماڻهن سان ملاقات ڪري، صبح سوير درگاهه شريف جي رستي ڪيٽيءَ لاءِ روانو ٿيو ته شهر کان اڌ ميل پنڌ تي مسلح پوليس جون پنج ٽرڪون ۽ گهوڙيسوار پوليس (جنهن جي قيادت ٿرپارڪر جا ڊپٽي ڪليڪٽر، ٻه سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ خيرپور رياست جو وڏو وزير سيد اعجاز شاهه ڪري رهيا هئا) ۽ کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا، پير صاحب کي گورنر جو حڪم پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته: ”توهان ڪراچيءَ جي حد ۾ اچي رهو.“ پير صاحب کي ڪراچيءَ آندو ويو. چئن ڏينهن کان پوءِ ’کيس ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ‘ هيٺ گرفتار ڪري لاهور ميل ذريعي، لاهور آندو ويو، جتان کيس هندستان موڪليو ويو. ان دوران کيس جبلپور، سيوني ۽ ناگپور جي جيلن ۾ رکيو ويو ۽ سندن خلاف بغاوت جي مقدمي جو مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو.
پير صاحب جي گرفتاريءَ جي خبر جڏهن حُرن کي پهتي، ته هنن منظم طريقي سان انگريز حڪومت خلاف گوريلا جنگ شروع ڪري ڇڏي، جنهن ”ٽئين حُر تحريڪ“ جي صورت اختيار ڪئي هن تحريڪ انگريز حڪومت کي لوڏي ڇڏيو. سرڪار حُر تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ 20 مارچ 1942ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان حُر ايڪٽ پاس ڪرايو، جنهن کي 10 اپريل 1942ع تي گورنر منظور ڪيو. حر ايڪٽ هيٺ سمورن حُرن کي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ حڪم ڪڍيو ويو ته حُرن جون جائدادون ۽ ملڪيتون تباهه ۽ ضبط ڪيون وڃن ۽ کين ڏسندي ئي گولي هنئي وڃي.
آرڊر ملندي ئي پوليس ۽ ملٽريءَ ظلم جي باهه ٻاري ڏني. حُر ته ڇا، پر حُرن جي اوڙي پاڙي کي به نه ڇڏيائون. سکر ۽ ڪيٽيءَ جي وچ ۾ ڳوٺ مياڻ جي رهاڪو پر امن مهاڻن تي انگريز ملٽريءَ، 30 هٿياربندن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪئي ۽ باهه ٻاريندڙ ننڍا بم اُڇلايا. اوچتو پٺيان غازي مجاهد، جيڪي رندن جي ڳوٺ ۾ رهيل هئا، ملٽريءَ تي اچي ڪڙڪيا. غازين جو تعداد 40 هو، جن ۾ ڪيتريون عورتون به شامل هيون. غازين ڀرپور حملو ڪري سو کن ملٽريءَ وارا ماري وڌا، ڪيترا زخمي ڪيا ۽ ٻيا اٿاهه بارود ۽ هٿيار ڇڏي ڀڄي ويا.
انگريز ملٽريءَ حرن، مريدن ۽ اڻ لاڳاپيل ماڻهن تي حملا شروع ڪري ڏنا، نتيجي طور حُرن ”تنگ آمد به جنگ آمد“ واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هنن گوريلا ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون هنن سانگهڙ ويجهو مکِي ٻيلي کي پنهنجو مرڪز ٺاهيو.
17 مئي 1942ع تي رات جو 12 وڳي حُرن، اُڏيري لعل ۽ ٽنڊي آدم وچ ۾ پليجاڻيءَ ويجهو لاهور ميل کي ڪيرايو، لاهور ميل ۾ خانبهادر الله بخش سومرو، مسٽر نهچلداس وزيراڻي ۽ سر غلام حسين جو پٽ منور حسين سوار هئا، پر حيدرآباد اسٽيشن تي خانبهادر الله بخش سومري کي ڪو گهَرو دوست خاموشيءَ سان ويٽنگ روم جي پوئين دروزاي کان وٺي ويو، جنهن کي حرن جي ڪارروائيءَ جي کُڙڪ پئجي وئي هئي. هن حادثي ۾ 32 مسافر مري ويا ۽ اٽڪل 100 کن زخمي ٿيا. سر غلام حسين جو پٽ منور حسين به مري ويلن ۾ شامل هو. هندستان ۾ گاڏي ڪيرائڻ جو اهو پهريون واقعو هو، جنهنڪري انگريز سرڪار ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ سنڌ ۾ رات جو ريلون هلائڻ بند ڪيون ويون.
پهرين جون 1942ع تي سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو، ان لاءِ اپر سنڌ جو سربراهه ميجر جنرل رچرڊسن کي مقرر ڪيو ويو. هن فورس جا ٻه برگيڊ هئا: (1) حيدرآباد برگيڊ ۽ (2) ڪوهاٽ برگيڊ. ڪوهاٽ برگيڊ جو هيڊڪوارٽر سانگهڙ ۾ رکيو ويو. حيدرآباد برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر ليگ لميٽڊ هو. مسٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي مارشل لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر نيگ کي پوليس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ هيٺيان فوجي آفيسر مقرر ڪيا ويا. جنرل اعظم خان (ميجر) جنرل اختر ملڪ (ڪئپٽن)، ميجر جنرل وصال احمد (ڪئپٽن سراغ رساني)، جنرل محسن عباس (ڪئپٽن)، جنرل شرن سنگهه (ميجر)، رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان (هوائي پائلٽ)، شنڪر سنگهه آڏواڻي ۽ حيدرآباد جيل جو سپرنٽينڊنٽ مسٽر لانگ هئا.
مارشل لا تحت هيٺيان فورس شامل هئا:
هوائي فوج: 12 اسڪواڊرن، 24 جهاز، 150 ماڻهن جو عملو، هيڊ ڪوارٽر سکر.
پيدل فوج: Infantry 3 ڊويزنون، 60 هزار سپاهي، هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۽ سکر.
موٽر ٽرانسپورٽ سيڪشن: (M. T. Section ) 4 اسڪواڊرن، 600 لاريون، هيڊڪوارٽر شهدادپور ۽ ڪيٽي.
اُٺ ۽ گهوڙيسوار: 8 اسڪواڊرن، 2400 ماڻهن جو عملو، هيڊڪوارٽر جمڙائو ۽ هٿونگو.
مارشل لا هيٺ سمورين ايراضين سان فوجي قانون لاڳو ڪيو ويو. هر تعلقي ۾ وڌ ۾ وڌ چار ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فوجي عدالتون مقرر ڪيون ويون. هر هڪ ڪورٽ ۾ چار فوجي آفيسر جج طور مقرر ڪيا ويا، جن ۾ ٽي ليفٽيننٽ جي عهدي کان وٺي، ميجر جي عهدي وارا آفيسر هئا. هڪ ڪرنل يا ليفٽيننٽ ڪرنل چيف جج جي حيثيت ۾ مٿانئن مقرر هو.
انگريز سرڪار ملٽريءَ جي مدد سان بربريت جو طوفان ٻاري ڏنو. حُرن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا ويا. حُرن لاءِ خاص (لوڙها:Concentration Camps) قائم ڪيا ويا. اهي لوڙها جوهي، نوابشاهه، جهول، سنجهوري، کپري، سانگهڙ، پٿوري، ميرپورخاص، جروار (ميرپور ماٿيلي) ۽ ٻين ڪيترن شهرن ۾ قائم ڪيا ويا، جتي حُرن کي ٻارن ٻچن سوڌو ٻڪرين ۽ رڍن وانگر واڙيو ويو. صرف کپري جي لوڙهي ۾ اڍائي هزار حُر قيد هئا، جتي سوين ٻار، عورتون ۽ پوڙها مرد بُک ۽ اُڃ وگهي مري ويا. پير صاحب جي مريدن کي ڪورٽ مارشل ڪري مارشل لا تحت سزائون ڏنيون ويون. لاتعداد مردن کي هڪ ئي ڏينهن تي ڦاسيءَ جي سزا ڏئي، ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. مجاهد نعرا هڻندا وڃي ڦاسيءَ تي چڙهندا هئا. سندن جذبهء ايثار کي ڏسي انگريزن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون.
انگريز سرڪار جون فوجون سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويون. عورتن سان به شرمناڪ سلوڪ روا رکيو ويو.
ظلم کي منهن ڏيڻ لاءِ غازين منظم طريقي کي اختيار ڪيو. حرن جون ڪيتريون بهادر عورتون به ظلم خلاف ميدان ۾ لٿيون ۽ مختلف روپن ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويون. هنن مختلف ٽريننگون ورتيون. ڪي نرسون ٿيون، ڪي شهسوار، ڪي بندوق باز، ڪي ڳائڻيون ته ڪي مخبر. اهڙيءَ طرح اهي سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويون. انهن مان ڪيترين عورتن انگريز ملٽريءَ تي گوليون هلايون. زخمين لاءِ ويس مٽائي دور دراز کان دوا درمل آڻينديون هيون. پنهنجن گهر وارن کي غازين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ همٿائينديون هيون. آفيسرن جي مخبري ڪنديون هيون ۽ غازين کي آگاهه ڪنديون هيون. حُرن انگريزن جي هر ٺڪاڻي تي حملو ڪيو، هنن سنڌ جي وڏيرن ۽ زميندارن کي سول نافرماني ڪرڻ لاءِ پنهنجي خفيه پريس مان نوٽيس موڪليو ته آئيندي سرڪار کي ڍل ڏيڻ بدران حُر غازين کي پهچائي وڃي. ان تي زميندارن جا وائيسر بتال ٿي ويا.
سي. آءِ. ڊي وارن ڪيترين پريسن تي ڇاپا هنيا. ڪيترن هنڌن تي چوڪسي رکي وئي. تپيدارن روزانو ڦرجڻ جي دانهن ڪئي. سرڪار حڪم ڪڍيو ته مارشل لا ايراضي ۾ ڪو به تپيدار ڍل اوڳاڙڻ نه وڃي، پر زميندار پاڻ ئي اچي تعلقي آفيس ۾ ڍل پيئاري. نتيجي طور ڪيترا زميندار آفيسن ۾ اچي ڍلون پيئارڻ لڳا ۽ ان دوران ڪٿي ڪٿي سندن ڦرجڻ جا واقعا به ٿيا.
خيرپور رياست جي ڪماني پوليس، رسول شاهه'>سيد غلام رسول شاهه، خيرپور جي حُرن ۽ عام امن پاسند شهرين سان ظلم ٻاري ڇڏيو. مٿانئن اوچتا حملا ڪرائي کين قيد ڪندو هو. هٿ آيل مجبور عورتن سان انسانيت سوز ظلم ڪندو هو، ۽ اعلان ڪندو هو ته حُرن ۾ هجي ڪا همت ته اچي منهنجو نالو وٺن.
حُرن طرفان کيس منهن ڏيڻ لاءِ رٿا جوڙي وئي. ڳوٺ کنواريءَ ۾ هٿيارن سان ليس پهريدار بيٺل هئا ۽ مشين گنون فٽ ٿيل هيون پر حُرن وڃي ڪمانيءَ کي سوگهو ڪيو. غلام رسول شاهه گهڻو ئي ليلايو، پر حرن کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. غلام رسول شاهه جي قتل ٿيڻ سان حرن ته خوشيون ڪيون، پر سڄيءَ سنڌ جي عوام به مسرت جا نعرا هنيا. انهيءَ قتل ۾ حُرن جا مک اڳواڻ، ڦوٽو چانگ، جڙيو خاصخيلي، علي شير ۽ ٻيا شامل هئا.
حرن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران سندن خاص مرڪز مکي ٻيلي تي ڀرپور حملو ڪيو ويو. ٻيلي جي ٻاهر اٽڪل ڇهه پلاٽون فرنٽيئر ڪنسٽيبلري، 100 پنجاب پوليس، سکر جي رزرو پوليس جو وڏو تعداد ۽ ٻين ضلعن مان مسلح پوليس گهرائي بيهاري وئي. انگريز سرڪار کي هن تنظيم کي برباد ڪرڻو هو، نتيجو اهو نڪتو، جو هڪ طرف سکر کان سانگهڙ تائين، ٻئي طرف سعيدآباد کان کڏڙي تائين، ٽئين طرف هٿونگي کان شهدادپور تائين ۽ چوٿين طرف جيسلمير کان چوٽيارين تائين جنگ جو نظارو پسڻ ۾ ٿي آيو.
مکي ٻيلي تي حملي لاءِ پهريائين يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا جي ايئرفورس جي ٽرانسپورٽ هوائي جهازن مان فوٽو ڪڍيا ويا. هر مهيني ملٽريءَ جو تعداد وڌايو ويو. مکي ٻيلي تي بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڏاڍي تباهي ٿي. بمن ذريعي آتشگير مادو اڇلايو ويو، جنهن سان چوڌاري باهه لڳي ويندي هئي ۽ وڻ ٽڻ سڙي ناس ٿي ويا. محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ”سانگهڙ“ ناول ۾ لکيو آهي ته: ”جيئن ته حرن جو وڏو تعداد مکي ٻيلي ۾ رهندو هو، انهيءَ ڪري هنن جو سڄو بارود سڙي ويو.“ اهو طريقو هنن ڪيترن ڳوٺن سان جاري رکيو، سوين ملٽريءَ وارا اوچتو ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ تي حملو ڪري ماڻهن کي گولين سان ۽ ڳوٺن کي بمن سان اُڏائي ڇڏيندا هئا.
حُرن ۽ سندن ڳوٺن کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انگريز ملٽري، پير صاحب جي سموري ملڪيت کي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي.
22 آگسٽ 1942ع تي پير جي ڳوٺ ۾ درگاهه جي ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو. ڪوٽ جي ٻاهرين ڀت، (جيڪا چاليهه فوٽ اُوچي ۽ ويهه فوٽ ويڪري هئي) جي اندران درگاهه، مسجد، بنگلا ۽ ڪيتريون حويليون موجود هيون. مسجد ۽ درگاهه سيد محمد راشد روضي ڌڻي کان سواءِ باقي هر شيءِ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. ڪوٽ مان حاصل ڪيل، اناج حيدرآباد موڪليو ويو. جاين مان نڪتل ڪاٺ ۽ شهتير C. R. E ڏانهن موڪليا ويا.
سڄي هندستان جون اکيون ان وقت سنڌ ۾هيون ۽ سنڌ جي رهواسين پنهنجي ڌرتيءَ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ رت جا درياهه وهائي ڇڏيا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته ”ان وقت سنڌ ۾ مارشل لا آفيسر جي رعب تاب ذريعي اهڙو ته هيبتناڪ ماحول پيدا ڪيو ويو هو، جو پير صاحب جن جي حمايت ۾ ڪن ٿورن کي حق جي ڪلمي چوڻ جي توفيق ٿي. ان وقت مسلم ليگ پوري طاقت ۾ هئي. جڏهن عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪي شاگرد ان وقت وفد وٺي دهليءَ ۾ مرحوم لياقت علي خان سان وڃي مليا، تڏهن هن چيو: ”اسان کي پير صاحب پاڳاري لاءِ پوري همدردي آهي، پر سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن ۾ جرئت ڪانهي، جو پير صاحب جي حمايت ۾ ڪو هٿ ڊگهيرين ۽ اسان کي مداخلت جو موقعو ڏين.“
پير صاحب جي گڙنگ بنگلي کي به بمن سان اُڏايو ويو. بمن هڻڻ کان اڳ ۾گڙنگ واري بنگلي کي لٽيو ويو، ان مان حاصل ڪيل ملڪيت ڪجهه سرڪار وٽ جمع ڪئي وئي ۽ ڪجهه فوجين پاڻ ۾ ورهائي کنئي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ وڏو تعداد سون ۽ چانديءَ جي زيورن ۽ سڪن جو، جن جي قيمت اٽڪل ٻه لک هئي، پنجن لکن جا نوٽ، چوئيتاليهه رائفلون ۽ چوڏهن مختلف قسمن جا روالوَر، اهو سڀ سامان ايمپريل بئنڪ حيدرآباد ۾ جمع ڪرايو ويو.
پير صاحب پاڳاري لُٽيل ملڪيت جو انگ هڪ ارب روپيا ٻُڌايو هو.
14 جنوري 1943ع تي پير سائين پاڳاري کي هوائي جهاز ۾ حيدرآباد آندو ويو. جهاز ٻولهاڙي ايئرو ڊرم تي لٿو، جيڪو حيدرآباد کان تيرهن ميل پري هو، جتان کيس ڪار رستي سينٽرل جيل آندو ويو، جيئن پير صاحب تي ’حُر بغاوت‘ جو مارشل لا هيٺ ڪيس هلايو وڃي.
سينٽرل جيل ۾ سخت حفاظتي اُپاءَ ورتا ويا. اڳ ۾ قيد ٿيل حُرن کي ٻين شهرن جي جيلن ڏانهن موڪليو ويو. پوليس ۽ فوج جو وڏو تعداد جيل اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو. پير صاحب کي ملٽري ٽربيونل آڏو بيهاريو ويو. کيس سرڪاري وڪيل ڏنو ويو. اهو ڪيس 26 ڏينهن هليو، مقدمي دوران پير صاحب کي جهڪائڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي ماڻهو به موڪليا ويا ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي، پر پير صاحب جو چوڻ هو ته ”ستن سمنڊن کان نازل ٿيل سامراجي، جن اسان جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي ۽ بغير ڪنهن سبب جي گرفتار ڪري غازين، مريدن ۽ غير مريدن جو قتل عام ڪيو، ڪوٽن تي حملا ڪري هر شيءِ لُٽي، بمباري ڪري تباهي مچائي، گهر لُٽيا ۽ ملڪيتون لُٽيون، تن کان ڪهڙي معافي!“
ڪيس هليو، ٽربيونل آخر هيٺيون فيصلو ٻُڌايو: ”پير صاحب صبغة الله شاهه کي انگريز بادشاهه سلامت خلاف جنگ جي سازش ڪرڻ سبب ڏوهاري قرار ڏئي کيس ڦاسيءَ جو سزاوار قرار ڏجي ٿو.“
20 مارچ 1943ع تي سينٽرل جيل حيدرآباد، سنڌ ۾ هن عظيم انسان کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. پير صاحب جي شهادت کان پوءِ خاص مريدن کي گهرائي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو. پر عام مريدن کي پير صاحب جي شهادت جو يقين نه آيو. سندن گمان ان وقت يقين ۾ اچي ويو جڏهن پير صاحب جي دفن ٿيڻ واري جڳهه ڪنهن کي به نه ٻُڌائي وئي.
پير صاحب جي گادي سرڪاري طور تي منسوخ ڪئي وئي ۽ سندس درگـاهه سـيـل ڪـئي وئي. سـندس ٻن فـرزندن، سيد سڪندر علي شـاهه (شاهه مردان شاهه ثاني، ستون پير پاڳارو) ۽ سيد نادر علي شاهه کي لنڊن موڪليو ويو، جتي سندن پڙهائيءَ جو انگريزن بندوبست ڪيو.
ملڪ مان مئي 1943ع ۾ مارشل لا کنئي وئي، پر ”حـُر ايڪٽ“ جاري رهيو. حرن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. حرن جي ٻارن کي ’حر اسڪول‘ جي نالي هڪ اهڙي قيد خاني ۾ بند ڪيو ويو، جتي مٿن هر قسم جا ظلم ڪيا ويا. پوليس کي جتي وڻندو هو، مردن توڙي عورتن کي حر قرار ڏئي جيل ۾ وڃي سٽيندا هئا. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ هزارين عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.
نيٺ انهن ظلمن جي پڄاڻي ٿي. انگريزن هندستان خالي ڪيو. 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ کي پاڪستان جو صوبو بنايو ويو. حر ايڪٽ جي خاتمي ۽ پير صاحب پاڳاري جي گاديءَ جي بحاليءَ لاءِ سڀ کان پهرين حرن پير افضل شاهه جيلاني، چنانهه (ضلعي جهنگ، پنجاب) ذريعي ڪوشش ڪئي، جنهن قائداعظم محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي، جنهن معاملي کي جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڏياري، پر هو 11 سيپٽمبر 1948ع وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ پير صاحب هڪ نمائنده وفد وٺي، نوابزاده لياقت علي خان (وزيراعظم) ۽ وزيراعليٰ سنڌ محمد ايوب کهڙي سان مليو ۽ کين لوڙهن جي خاتمي، پير صاحب جي گاديءَ جي بحاليءَ ۽ سندن فرزندن جي انگلنڊ مان واپسيءَ لاءِ زور ڀريائين. ان وچ ۾ سنڌ جو گورنر شيخ دين محمد ٿيو، جيڪو سيد محمد افضل شاهه جو مريد هو. هن پير صاحب سان گڏجي، درگاهه شريف ۽ لوڙهن ۾ بند حرن جي حالتن جو معائنو ڪيو ۽ 1951ع ۾ هن جي ڪوششن سان درگاهه تي لڳل پابنديون ختم ڪري، پير صاحب پاڳاري جي گادي بحال ڪئي وئي. سورهيه بادشاهه جا ٻئي فرزند سنڌ واپس گهرايا ويا ۽ 4 فبروري 1952ع تي پير پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني (1928– 2012ع) جي دستاربندي ڪئي وئي. ان کان پوءِ حر ڪئمپن (لوڙهن) جو خاتمو آڻي، حرن کي آزاد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح حر پاڪستان ٺهڻ ۽ سنڌ آزاد ٿيڻ کان پوءِ به تقريباً 5 سال لوڙهن ۾ قيد رهيا. لوڙهن جي خاتمي بعد هن عظيم حُر تحريڪ جي پڄاڻي ٿي.
حر تحريڪ برصغير ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو هڪ لازوال باب آهي. هن تحريڪ ۾ شامل فردن قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال پيش ڪيو، جنهن کي سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ ۾ هميشه سونهري لفظن سان ياد ڪيو ويندو. (وڌيڪ ڏسو؛ پير پاڳارا خاندان، جلد ٽيون).


لفظ حُر تحريڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو